آءٌ آهيان نياز

آءٌ آهيان نياز

آءٌ آهيان نياز

آءٌ آهيان نياز (شاعري): ڪهنه مشق ۽ اُستاد شاعر نواز علي ’نياز‘جعفريءَ جي شاعريءَ جو هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر، لاڙڪاڻي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جو انتساب
نواز علي ’نياز‘ جي فرزندن ۽ نياڻين کي ڪيو ويو آهي. نواز علي ’نياز‘، هري دلگير ۽ پرڀو وفا جو استاد هو. ورهاڱي کان اڳ ڪشچند بيوس ۽ نواز علي ’نياز‘ جي لاڙڪاڻي ۾ شاعريءَ جي ميدان ۾
ڌاڪ ۽ هاڪ هوندي هئي. هن اعليٰ شاعر جي شاعري وقت جي هڪ وڏي وٿيءَ کان پوءِ شايع ٿي آهي. سنڌ جي غزل گو شاعرن ۾ سندس وڏو مقام رهيو آهي. سندس ضخيم ذخيري مان ڪجهه چونڊ غزل هن ڪتاب ۾ داخل ڪيا ويا آهن. ڪتابجو مهاڳ نامياري شاعر امداد حسينيءَ لکيو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ’آءٌ آهيان نياز‘ عنوان سان ڊاڪٽر بشير احمد شاد ۽ ’سائين نياز جعفريءَ کي سلام‘ عنوان سان نصير مرزا جا تاثرات ڏنا ويا آهن.
ڊيمي سائيز ۽ پڪي جلد سان 144 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جو ملهه 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو